لاهور – پ??ري?? مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز ال??هي سان ملاقات ڪئي، وزيراع??م عمران خان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراع??م عمران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري شجاعت حسين ک?? جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت حسين عيادت جي لاءِ اچڻ تي وزيراع??م عمران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسين، حسين ال??هي کانسواءِ شافع حسين، راسخ ال??هي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.