لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ??ه ڏنو ويو، اسان جو ڌيان ??نڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لاءِ پئڪيج جو اعلان تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پ??ڪستان ??ڏي تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان ??قصان ??يو، سوشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. دولت جي پيداوار سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون ملڪ جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چيو ته ايمنسٽي جي عمل سان صنعتي شعبي کي سڌوسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي واپار جي فروغ لاءِ حڪومت جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ??ه ڏنو ويو. اسان جو ڌيان ??نڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ان حوالي سان ??اليسيون کڻي آياسين ۽ ان شعبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پ??ڪستان جي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن ??ي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.