اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مق??د ٻارن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻارن جي ل??ءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد ??ان محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ ??حت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان يقيني بڻائي رهيا آهيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا صنف جي بنياد تي فرق نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديلي جي سخت اثرن ??ان بچائڻ جو به عزم ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻارن جي بهتر زندگي جي ل??ءِ ميڊيا، معاشري، والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ??ردار ادا ڪرڻو پوندو، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي ل??ءِ وبا کانپوءِ هڪ بهتر مستقبل جي ل??ءِ ڪم ڪريون.