اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آه?? ته طورخم ۽ چمن کان علاوه افغانستان سان سلهاڙيل باقي 5 سرحدن تي به آمدورفت جو جديد بايو ميٽرڪ نظام ۽ آن لائن ويزا شروع ڪئي ويندي ۽ هزارين ماڻهو پاڪستان ۾ ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اهي مهلت مان فائدو کڻندا نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي سلامتي جي محافظ ادارن تي تنقيد ڪندڙ اقتدار جي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا. نواز شريف جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي رهي آه??، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي ڪا خبر ناهي، مفاهمت سان معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اهڙو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان جي جائزه اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته افغانستان لاءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آه??ون، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرمٽ ۽ ٻين جي حوالي سان شڪايتون 10 ڏينهن ۾ حل ڪيون وينديون، آن لائن انٽري ۽ آن ارائيول ويزا جو نظام افغانستان سان سلهاڙيل سمورين سرحدن تي شروع ڪيون ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اِي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست ڏئي يا عدالت ذريعي رجوع ڪري، اسان سندس ڪيس جو جائزو وٺنداسين. مريم نواز طرفان ملڪي ادارن تي تنقيد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ ادارا ملڪي سلامتيءَ جا ضامن آه??، انهن تي تنقيد سان اقتدار کي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پهريان هتي ڪو رڪارڊ نه هو ته سرحدن تي ڪيئن آمدورفت ٿي رهي آه??، هزارين ماڻهو ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اسان کين ايمنسٽي ڏيڻ وڃي رهيا آه??ون ته اهي درخواست ڏين ۽ ملڪ مان نڪري وڃن نه ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آه?? جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته هو درخواست ڏي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي تحقيقات جي هدايت ڪري ڇڏي آه??. ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿي رهيون آه?? ته مون کي معلومات ناهي، ٽي ٽي پي ۾ ري گروپنگ ٿي رهي آه??، 3 کان 4 گروپ شامل ٿيا آه??، اسان مفاهمت چاهيون ٿا پر هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آه??ون.
هن چيو ته افغانستان جي انساني بنياد تي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آه??، سندن تڪليف اسان جي تڪليف آه?? پر انهن کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو دنيا سان گڏجي ڪنداسين، اسان کي نورستان ڪنڙ سميت هر هنڌ جي خبر آه??، اسان مفاهمت جا قائل آه??ون پر ملڪ جي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خطي ۾ 20 سالن بعد وڏي تبديلي آئي آه??، دشمن اسان جي سرحدن تي ڏڦيڙ ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڊالرز جي هولڊنگ تي نظر رکيل آه??، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تمام وڏي ڪوشش ڪري رهيو آه??، جلد عام واهپي وارين شين ۽ دوائن کي سستو ڪيو ويندو.