اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بر??انيه سان ٻط??في اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بر??انوي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ بر??انيه جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ بر??انيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻط??فا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي بر??انيه جي تازي دوران دوران بر??انوي پرڏيهي وز??ر لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون بر??انوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته بر??انوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ڄائي بر??انوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي بر??انيه جي دوري ۽ بر??انوي پرڏيهي وز??ر لزٽرس سميت بر??انوي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي حوالي سان بر??انوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.