جهلم – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، شهباز شريف سان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مشاورت ڪرڻ ائين آهي ??يئن ڪنهن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ آفيسر ڪنهن کي لڳائڻو آهي، خطي جي اهم فيصلن جي لاءِ عالمي قيادت وز??راعظم عمران خ??ن ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي ??هي، عمران خ??ن سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي ??هي ??يندڙ 5 سال به روئيندي گذاريندا، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ وز??راعظم عمران خ??ن جي خاص ڌيان ڏيڻ سان اڄ جهلم ترقي طرف گامزن آهي، اسان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ٽن سالن ۾ ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪري رهيا آهيون جيڪا جهلم مان گذرندي، ان موٽروي سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ سئو ڪلوميٽر جو فاصلو گهٽ ٿيندو جڏهن ته ان موٽروي سان روات، گوجر خان، سوهاوه، چڪوال، دينه، جهلم، سرائي عالمگير، کاريان، لالا موسيٰ، وز??ر آباد جي وڏي آبادي فائدو کڻندي جنهن کي گذريل دور ۾ موٽروي جي تعمير جي وقت نظرانداز ڪيو ويو هو. هن چيو ته اهو پراجيڪٽ نارٿ پنجاب جو سڀ کان وڏو روڊ پراجيڪٽ هوندو جنهن جو وز??راعظم نومبر ۾ افتتاح ڪندو. چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم عمران خ??ن سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. افغانستان جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو، غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقلي جو معاملو هجي يا ماحول جو، وز??راعظم عمران خ??ن هر سطح تي پاڪستان جي هر شخص جي دل جي ترجماني ڪئي. هن چيو ته وز??راعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران جهڙي طرح ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن آڏو رکيو، نريندر مودي کي للڪاريو، ائين پاڪستان ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته ممبئي واقعن ۾ الزام لڳو ته هڪ پاڪستاني انهن حملن ۾ ملوث آهي، ان شخص جو ڪنهن سيڪيورٽي ايجنسي ۽ فوج سان ڪو تعلق نه هو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم شروع ڪئي وئي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو ته نواز شريف ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو حڪمران رهي چڪا آهن جن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. انهن قومي دولت ڦرڻ، نريندر مودي کي شادين ۾ گهرائڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪو تعميري ڪم نه ڪيو. هن چيو ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان ڳنڍيل نه هجن ته اهڙي طرح جي زندگي گذارڻ انهن جو مقدر هوندو آهي، نواز شريف ۽ اشرف غني ٻئي ڊالرن جا بيگ ڀري ٻاهرئين ملڪ فرار آهن. هن چيو ته اهو انهن ماڻهن جي لاءِ سبق آهي ??يڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجي زمين سان ڳنڍجن نه ٿا، اهڙي قسم جي ماڻهن جو حشر اسان جي آڏو آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر جهلم ۾ ڪنٽونمينٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلين سوئيپ تي جهلم جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن وقت وفاق جي نمائنده پارٽي رڳو تحريڪ انصاف آهي، وز??راعظم عمران خ??ن جو ملڪ ۾ هر جڳهه تي ووٽ بئنڪ موجود آهي. اها اسان جي خوشقسمتي آهي ??و وفاق کي ڳنڍيندڙ ليڊر اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. چوڌري فواد حسين چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي وکرجي چڪيون آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪير نه آهي، بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري جي موقعي تي ماڻهن کي 5، 5 ڪروڙ رپين جي آفر ڪئي ته اسان جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان معاملا بهتري طرف گامزن آهن، اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي باقي ماڻهن سان اسان جو ڪو ذاتي جهيڙو نه آهي. نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته شهباز شريف جوابدار آهي، نيب کيس جوابدار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين جي مقرري بابت شهباز شريف سان مشاورت ائين آهي ??يئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ ڪندڙ ڪير هوندو. هن چيو ته نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ٿيندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڳ ۾ حڪومتون رڳو ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا ٺاهينديون هيون، عمران خ??ن عالمي سطح تي عوام سان ڳالهه ڪندو آهي، اسان نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي دوري جي ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان حقيقتون سامهون آنديون ته انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ تي دٻاءُ پيو، انگلش وومين ٽيم به انهن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي ??هي ??ڏهن ته برطانيا جي وز??راعظم پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اها پبلڪ ڊپلوميسي جي ڪاميابي آهي، اسان عوام آڏو سڀ شيون رکيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جهلم ۾ واهن جي منصوبي جي پهرين ڊسٽري بيوٽري مارچ 2022ع ۾ مڪمل ٿي ويندي، روڊ نيٽ ورڪ جي لاءِ 15 آڪٽوبر تائين ڪمپنيون شارٽ لسٽ ٿي وينديون، آڪٽوبر جي ٽئين هفتي ۾ ان تي ڪم شروع ٿي ويندو. چار مرحلن ۾ ان تي ڪم شروع ٿي رهيو آهي، پهرين فيز ۾ للا کان پنڊ دادن خ??ن ۽ سنگهوئي کان مصري موڙ شامل آهي. اهي ٻه فيز ايندڙ 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته (ن) ليگ وٽ شهباز شريف ۽ مريم نواز آهن، اهي هر هفتي ٽاس ڪن ٿا ته هن هفتي فلاڻو ليڊر هوندو ۽ اڳئين هفتي ٻئي جو وارو هوندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل اين جي هي ??خري اليڪشن هوندي، ان کانپوءِ اهي ??ليڪشن وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هوندا، عمران خ??ن ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته خطي جي معاملن جي حوالي سان عالمي ليڊرشپ عمران خ??ن ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي ??هي ??يڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي ??ه پاڪستان جا سمورا ادارا ۽ حڪومت هڪ مٺيءَ ۾ ويڙهيل آهن، اهي ??يندڙ 5 سال به ائين ئي روئيندي گذاريندا.