اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??فغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي بر??دري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران ??فغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي حوالي سان ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان ??فعانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان ??سان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان ??هرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان ??وصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان ??چڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي بر??دري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ??فغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان ??لسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.