اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳ??لهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ??ه اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان و?? اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ م??بوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پاليسي ترقي جي ??اء?? حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ ??اء?? ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? پاڪستان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پارليامينٽ جي صدر کي ڀارتي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پاليسين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر چيو ته پاڪستان عرب دنيا جي ??اء?? اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? اسلامي دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ م??تحڪم ڪرڻ جي ??اء?? وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي صدر پاڪستان جي حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.