اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون ??عيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ??ا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ??وريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ ??ڙه??دو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مس??سل آبهوا جي اثرن کي پاڪستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو ??رار ڏنو آهي.