اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايندڙ مند ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺ?? لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، سيد فخر امام، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽ?? عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، عبدالرزاق دائود، اسد عمر ۽ مخدوم خسرو بختيار تي ٻڌل ڪميٽي ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺ?? سان گڏوگڏ ڀاڻ خاص طور تي ڊي اي پي تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ تج??يزون به تيار ڪندي، اي سي سي برآمد?? شعبي (اڳوڻي زيرو ريٽي?? شعبن) لاٰءِ بجلي، آر ايل اين جي ۽ گئس جي رعايت لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدات ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو.