اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي نوڪرين جا ??وقعا فراهم ڪرڻ، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ ۾ آمدني ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صوبن جي مشاورت سا?? ايس ايم اي پاليسي تي عملدرآمد جي حوالي سان روڊ ميپ کي جلد حتمي شڪل ڏني و??ندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن بابت سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪا?? ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.