اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان خطي ۽ پاڪس??ان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانس??ان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سا?? الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي افغان سفير سا?? ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان افغانستان سا?? لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص ط??ر تي افغانس??ان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان خطي ۽ پاڪس??ان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانس??ان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.