اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هداي?? تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لن?? تي ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين شيخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪ?? ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهارن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري ??زير چيو ته ڪورونا جي ڪري ??وري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسان جي معيش?? تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ??ي پر ان شعبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.