اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪ??رونا مان ??حتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان ??وڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪ??رونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجود آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ??يس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان ??باد ٿيندا، ڪ??رونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان ??ڳ رهيا.