اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ??يت??ا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪ??رونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪ??رونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورتحال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.