اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي عالمي برادري جو رويو مايو?? ڪندڙ آهي، جنگ تي يقين نٿا رکون، جوهري صلاحيت ملڪي دفاع لاءِ آهي، سائ??سي شعبي جي ترقي انسانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، سائ??سي ترقي جي انساني زندگي تي مثبت اثر پئجي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته آئون شاگردي واري دور ۾ ف??ڪس ۽ رياضي ۾ گهڻو هوشيار هئس، سائ??سي ترقي جي انساني زندگي تي مثبت اثر پوندا آهن، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سائنس جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان کي مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي مان فائدو کڻڻ گهرجي.