اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪي??ن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪل??ل مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پاڪستان اسٽ??ل ملز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سميت ٻي?? اهم معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهير??ل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.