اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته حڪومت نواز شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئي، حڪومت نواز شريف جي صحت جو معاملو ڪابينا ۾ کڻي وئي، ??فس??س ان ڳالهه جو آهي ته شوئرٽي بانڊ تي واويلا ڪئي وئي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي ره??و آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو و??و آهي، نواز شريف جي حوالي جيڪو فيصلو آ??و آهي ان ۾ به عدالت شوئرٽي گهري آهي جي??و وڌيڪ آئيني ۽ قانوني حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو انساني ۽ قانوني مسئلو آهي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنجي واعدن ج?? خلاف ورزي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل معاهدن تان ڦرندو ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل ??نور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.