اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي و??ير عمر ايوب خان ۽ وزي??اع??م جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سي??ڙو اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سي??ڙو وڌايون ويون آهن، وزي??اع??م جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي تحفظ ڏنو، اسان مافياز کي ٽو??ين??اسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزي??اع??م چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي و??ير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت 112 سي??ڙو وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سي??ڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزي??اع??م جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزي??اع??م تحفظ ڏئي رهيو آهي.