اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??نٽرنيشنل ??يئ?? لائن (پي آءِ اي) جو يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿي ويو. ڪالهه اسلام آباد انٽرنيشنل ??يئ??پورٽ کان پئرس لاءِ پهرين اُڏام رواني ٿي وئي. هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف يورپ لاءِ قومي ??يئ?? لائن جي فلائيٽ آپريشن جي ٻيهر شروعات جي آجيان ڪندي مسافرن کي الوداع ڪيو. يورپي يونين طرفان قومي ??يئ?? لائن تي تقريبن ساڍن چئن سالن کان پابندي هئي جنهن جي خاتمي کانپوءِ اهي اُڏامون بحال ٿي ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي خواجه محمد آصف يورپ لاءِ اُڏامن جي بحاليءَ کي تاريخي لمحو قرار ڏ??ند?? چيو ته لاڳيتو قومي جهنڊي بردار اُڏامون پوري يورپ ۾ آپريٽ ٿ??ند??ون. هن پي آءِ اي جي ماضيءَ جي وقار کي بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نيشنل فليگ ڪيريئر اسان ??و فخر ۽ اسان ??ي سُڃاڻپ آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پي آءِ اي جون برطانيه ۽ آمريڪا لاءِ اُڏامون پڻ جلد شروع ٿ??ند??ون. خواجه محمد آصف چيو ته پي آءِ اي جي ٻيڙي کي وڌايو و??ند??. هن چيو ته پي آءِ اي مارڪيٽ تي ٻيهر ڌاڪو ڄمائ??ند??. ان موقعي تي هوابازي واري وزارت جا سينيئر آفيسر، قومي اُڏام ۽ ??يئ??پورٽ جا عملدار به موجود هئا. پاڪستان ??نٽرنيشنل ??يئ?? لائن جي تقريبن ساڍن چئن سالن جي عرصي کان پوءِ پئرس لاءِ پهرين اُڏام جمعي ڏينهن رواني ٿي وئي. پي آءِ اي پئرس لاءِ هفتيوار ٻه اُڏامون سڌيءَ ريت هلائي رهي آهي. پئرس ايندڙ ۽ ويندڙ پهرين ۽ ٻي اُڏام لاءِ فلائيٽ بُڪنگ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. پي آءِ اي انٽرا نيٽ وائرليس انٽرٽينمينٽ سسٽم ذريعي ان فلائيٽ انٽرٽينمينٽ لاءِ به خصوصي انتظام ڪيا آهن. مسافر پنهنجي موبائل فون، ٽيبليٽ يا ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ذريعي ان فلائٽ انٽرٽينمينٽ استعمال ڪري سگهندا. مسافرن طرفان فلائيٽ تي مثبت ردِعمل ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پئرس جون اُڏامون هاڻ فرانس ۽ پاڪستان ۾ پاڪستانين جي پُراڻي خواهش کي پورو ڪندي. پي آءِ اي طرفان مسافرن کي وقت جي بچت جي سهولت سان گڏ سستي اگهه تي ٽڪيٽ فراهم ڪيا ويا آهن.