لاهور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپا??ٽي جي وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وه??ب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به ملاقات ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپا??ٽي حڪومت جي اهم اتحادي پا??ٽي آهي، پاڪستان پيپلزپا??ٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. ملاقات لاءِ آيل پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.