اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پيٽرڪ سينٽ مسيح جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم س??دس گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪندي چيو ته پ??ٽرڪ سينٽ مسيح جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ خ??مت??ن وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم چيو ته مسيح برادري جي موثر نمائندگي ۾ پيٽرڪ سينٽ مسيح جو اهم ڪردار رهيو آهي.