اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بيلاروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو سان خوشگوار ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو باقاعده ميمبر بڻجڻ تي کيس مبارڪباد ڏن?? آهي. ايڪس تي پ??هنجي پ??سٽ ۾ وزيراعظم شنگهائي اسپرٽ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، زرعي تعاون ۽ مواصلات جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.