اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سي پيڪ کي پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي، ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چ??ن جي قربت ۽ مثالي دوستي جو چٽو ثبوت آهي، چ??ن جو پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، ڏک سک ۾ چين سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، چ??ن جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو انتهائي اهميت رک?? ٿو. پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پاڪستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. گذريل ڏينهن چائنه چيمبر آف ڪامرس جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن جي دوستي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين اڳيان وڌي رهي آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي سان جذباتي لڳاءُ آهي. ٻئي ملڪ مضبوط دوستي جي رشتي ۾ جڙيل آهن. چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته چين سدائين ڏک سک ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، جڏهن اسان کي بدترين توانائي جو بحران درپيش هو ته چين پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي نئين سر تعمير ۾ اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته 2013ع ۾ 8 کان 19 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿي رهي هئي، جنهن سبب اسان کي ساليانو 500 ارب روپ??ن جو معاشي نقصان ٿي رهيو هو، اها بدترين صورتحال هئي، انڊسٽريز بند ٿي رهيون هيون، گهريلو صارفين لوڊ شيڊنگ سبب سخت متاثر ٿي رهيا هئا. هن چيو ته بجلي جي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي فوري بجلي جا پيداواري منصوبا لڳائڻ جي ضرورت هئي، چ??ن جي ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو تحت بجلي جا ڪيترائي منصوبا لڳايا ويا، ساهيوال ڪول پاور، ٿر ڪول، ڪراچي پورٽ انرجي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ توانائي جي منصوبن سان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي جنهن سبب اسان 2018ع ۾ زيرو لوڊ شيڊنگ ڇڏي وياسين. هن چيو ته 2013 کان 2018ع تائين ڪامياب??ن جو سفر جاري هو. پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ چ??ن جو اهم ڪردار رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اوسر واري شرح 5.8 سيڪڙو هئي، مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو هئي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي آ??ي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته چيني قيادت، چيني سفير ۽ چيني ڪمپن??ن جا ٿورائتا آهيون جن پاڪستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ذريعي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چيني ڪمپنين کي بهترين انڊسٽريل زونز فراهم ڪري سگه?? ٿو، هو هتي گهٽ پيداواري لاڳت مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي مصنوعات پاڪستان مان ٻين ملڪن کي امپورٽ ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته 11 سالن کان پوءِ چ??ن جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پاڪستان جي عوام لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته چ??ن جي وزيراعظم لي چيانگ جو دورو پاڪستان لاءِ انتهائي اهميت رک?? ٿو. ٻئي ملڪ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پاڪستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر هوندو. هن چيو ته پاڪ چين دوستي اسان جي دل??ن جي تمام ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ خطي جي خوشحالي اسان جا گڏيل مقصد آهن. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي قربت ۽ مثالي دوستي جو چٽو ثبوت آهي، سي پيڪ پاڪستان ۽ چ??ن جو ئي نه پر پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي.