اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو ??هي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروسز جي قيمتن ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي، آمدن?? واپار وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا، انگن اکرن واري کاتي طرفان مختلف کاڌي پيتي جي شين ۽ اوپن مارڪيٽ جي قيمتن ۾ نمايان فرق جي نشاندهي ۽ 70 شهرن جي 50 مارڪيٽن سان قيمتن جي رپورٽ جو جائزو پيش ڪيو ويو. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيڪس (پي بي ايس) جي نمائندن ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي صو??تحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پي بي ايس مختلف کاڌي پيتي جي شين ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کي به اجاگر ڪيو. پلانگ ڪميشن بابت وزير مهانگائيءَ جي شرح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، جيڪو هلندڙ مالي سال دوران مسلسل گهٽ ٿي رهيو ??هي ۽ سيپٽمبر 2024ع ۾ 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو رهي جيڪا سيپٽمبر 2023ع ۾ 31.4 سيڪڙو هئي. غذائي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي جنهن سان شهري کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي ۾ 33.9 سيڪڙو کان 1.7 سيڪڙو تائين گهٽتائي واقع ٿي آهي جڏهن ته ٻهراڙي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ناڻ?? واڌ ڪاٽو 0.9 سيڪڙو ٿي وئي جيڪا گذريل سال ان مهيني ۾ 34.4 سيڪڙو هئي. اٽو ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گذريل سال جي ان ئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 37.1 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي. پي بي ايس هر صو??ي ۽ قومي سطح تي ڪجه ضروري شين جي هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن ۾ وڏي فرق کي اجاگر ڪيو. اهو به ڏٺو ويو ??هي ته پي او ايل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ کي نقل ۽ چُرپر جي خدمتن ۾ اثرائتي طريقي سان نه ڏٺو ويو ??هي. رٿابند?? واري وزير هدايت ڪئي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروس جي اگهن ۾ ڪا گهٽتائي ناهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان سلسلي ۾ هن صو??ائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ، هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ فوري قدم کڻن. احسن اقبال چيو ??ه حڪومت عام ماڻهوءَ کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ان سلسي ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. احسن اقبال ۽ مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ??ه حڪومت شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن صو??ائي حڪومت ۽ آءِ سي ٽي انتظاميه تي زور ڀريو ??ه اهي قيمتن تي ضابطو آڻڻ جي طريقيڪار تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين، خاص طور تي هول سيل ۽ ريٽيل قيمت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪِراين ۾ گهٽتائيءَ جي صو??ت ۾ ڏسڻ لاءِ ملي.