نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي مالياتي فن?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مض??وط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول معاهد?? جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي ملاقات ٿي. پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول ايگريمنٽ جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيندي وزيراعظم اداراجاتي سڌارن جي لاڳو ۽ نجي شعب?? جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي فنر مدد ۽ صلاحيت ساز?? جي پروگرامن کي پڻ ساراهيو جنهن سان ملڪ جي ادارن کي مض??وط بڻائڻ ۽ ان جي معاشي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجي اداري پاران پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران هن موسمياتي تبديل?? جي لاءِ موافقت جي مالي مدد کي متحرڪ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاسن دوران ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف جي سينيئر انتظاميا سان ان اهم مسئلي کي اٿارڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مض??وط بنائڻ تي اتفاق ڪيو.