نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اس??ارمر پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مخ??لف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪ??ري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪس??ان کي درپيش مسئلن، پاڪس??ان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اس??ارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مخ??لف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪ??ري جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪس??ان جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪس??ان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪس??ان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۾ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ جو ذڪر ڪندي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪ??ري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور تي فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.