اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر ا??ورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاه?? سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر ا??يد ظاهر ڪئي ته صدر ا??ورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آ??ف علي زرداري سريلنڪا جي قيادت ۽ عو??م لاءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.