اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمر??ڪا ج?? سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيه?? سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاق??ت ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيه?? سيڪريٽري پاڪستان پاران آمر??ڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيه?? سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمر??ڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خوا??شم??د آ??ي. ??ن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاق??ت ڪئي.