اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۽ طلڪرم ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي ا??گ ۾ انساني جانين جو زيان ۽ شهري انفراسٽرڪچر جي وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريف??گ ۾ چيو ته اسرائيلي قابض فوج پاران فوجي طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال عا??مي انساني قانونن ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ اسرائيلي قابض فوج پاران عا??مي انساني قانون جي هڪ ٻي خلاف ورزي آهي، اهو عا??مي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عا??مي رويي جي توهين کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان انهن حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ڪيا پيا وڃ??. ترجمان چيو ته جارحيت جي ذريعي پائيدار امن جو رستو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ??ا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي شهرين جي خلاف وڌيڪ حملن کان روڪڻ، اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.