اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرف??ن معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين س??ن ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينول?? جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ??ن موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سفير چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ??ن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ??ي. ??يٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪست??ن معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ??ند??. پاڪست??ن مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ??ي. ??فاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.