اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي ن??اندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نق??ي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريف??گ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذ??يل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي ف??رس?? پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ن??ڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي ن??اندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.