اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ب??وچ??تان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ ا??سو?? جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته معصوم شهرين جي انسانيت سوز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار ??ائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خ??اف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.