اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اٽڪ ۾ ا??ڪو?? وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ظالماڻو ۽ شرمناڪ فعل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ذميوارن جي خ??اف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. صدر مارجي ويل ٻارن جي ايصال ثواب ۽ زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.