اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽ?? محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم ح??و ۽ پاڪستان جي ??وابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ??يزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي ??يگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي ??وابازي جي صنعت جي حڪمت عملي ج?? عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪست??ن ۾ هوابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽ?? محمد اورنگزيب ترڪيه جي ??اپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي ??ختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ??سيع حڪمت عملي جو حصو آهي.