اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) برطانيه جو اميگريشن سسٽم ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي ۽ فزيڪل دستاويزن کي آن لائن اميگريشن اسٽيٽس سان بدلايو ويندو، بايوميٽرڪ رهائشي اجازت نامي، پاسپورٽ تي اسٽيڪرز ۽ ڪجهه ٻين دستاويزن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه هوندي. ڪالهه برطانوي سفارتخاني مان جاري بيان موجب جيڪڏهن اوهان کي ڪم ڪرڻ يا پڙهائي لاءِ برطانيه ۾ 6 م??ين?? کان وڌيڪ رهڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي ته هاڻي اوهان کي پنهنجي اي ويزا تائين پهچ لاءِ UKVI آن لائن اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي. اڪائونٽ اوهان جي اميگريشن جي حيثيت جي آن لائن رڪارڊ طور ڪم ڪري ٿو. انهن ماڻهن لاءِ جن کي برطانيه ۾ 6 م??ين?? کان گهٽ رهڻ جي اجازت ڏني وئي آه??، مثال طور سياح جي حيثيت سان اوهان کي UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ چيو آه?? ته اسان پاڪستانين لاءِ برطانيه جو سف?? آسان بڻائڻ لاءِ مسلسل نواڻ اختيار ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو اهو نئون استعمال ويزا جي عمل جي هڪ اهم حصي کي هموار ڪندو. ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو ۽ ڪاغذي دستاويزن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪندو. بيان موجب اهو عمل مفت، محفوظ ۽ آسان آه??. برطانيه ڏانهن ويندڙ خواهشمندڙ ويب سائيٽ gov.uk/eVisa تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي طريقي سميت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ??ري سگهن ٿا. اوهان کي ان وقت تائين برطانيه جو سفر نه ڪرڻ گهرجي جيستائين اوهان کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ برطاني?? جا صحيح ويزا ايپليڪيشن سينٽر کان واپس نه ملي وڃي، اي ويزا ۾ ڪنهن فزيڪل دستاويز کي اپ ڊيٽ ڪرڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت يا برطانيه ۾ داخل ٿيڻ يا رهڻ جي اوهان جي اجازت جي شرطن تي ڪو به اثر نٿو پوي. بيان موجب برطانيه پهچڻ تي اوهان کي هاڻي به بي آر پي جمع ڪرائڻ جي ضرورت هوندي، سمورا بي آر پي ڪارڊ 31 ڊسمبر 2024ع تائين ڪارآمد آه?? پر بي آر پي ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت متاثر نٿي ٿي، اوهان پنهنجو UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ پنهنجي اي ويزا تائين رسائي حاصل ??رڻ لاءِ پنهنجو بي آر پي ڪارڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.