اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري عنبرين جان چيو آهي ته اسان جي نئين نسل پاڪستاني ثقافت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان هڪ باصلاحيت قوم جي حيثيت سان هر ميدان ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ??ائ??يڪ??وريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وف??قي سيڪريٽري نمائش ۾ شامل شاگردن جي تيار ڪيل تص??ير?? ۽ پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پاران ان فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش ۾ شرڪت نئين نسل جو پنهنجي ملڪ سان وابستگي جو اظهار آهي. انهن تص??ير?? ۽ پينٽنگز ۾ ملڪ ۽ قوم جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن خاص طور تي شاگردن جي محنت ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هر سال آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اهڙي طرح جا پروگرام منعقد ڪندي آهي. هن 14 آگسٽ جي موقعي تي ان شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي شاگردن، استادن ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي مبارڪباد ڏني. عنبرين جان ملڪ جي آزادي جي لاءِ بزرگن جي قربانين تي پڻ روشني وڌي. ??ائ??يڪ??وريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش ۾ ڪوڪنگ، موسيقي، تاريخي عمارتن، لباس ۽ تص??ير?? سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ثقافت کي پيش ڪيو ويو. نمائش ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاران ملڪ جي مختلف ثقافتي سرگرمين جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگز پڻ پيش ڪيون ويون. اهڙي طرح فيڊرل ??ائ??يڪ??وريٽ آف ايجوڪيشن جي اسڪولز جي شاگردن جي ٺاهيل پينٽنگز کي پڻ نمائش ۾ رکيو ويو. نمائش ۾ پاڪستان جي خوبصورت منظرن، ڍنڍن ۽ تاريخي عمارتن جون تص??ير??ن ڏيکاريون ويون جن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو. نمائش جي شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي جي شاگردن پاران ملڪ جي ثقافت کي شاندار پينٽنگز جي ذريعي پيش ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وف??قي سيڪريٽري شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.