اسلام آباد ??? 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري ??حه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام ??حه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ??ه حضرت بري امام ??حه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ڪئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي ??هو??ت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي تياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي ??هو??تن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت بري امام ??حه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقب??ل ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.