اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار ??ي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ارشا?? احمد ??ارف کي صدر، اعجازالحق کي سيڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي سينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي اين اي جا نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار ??ي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀر??ور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.