اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي وچ ?? واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي ??ي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجا?? جي پرڏي??ي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ?? لاڳاپ?? جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي دلچسپي جي معاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قوم?? جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ميزبان شهر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏي??ي وزير بيراموف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان اهم ايونٽ جي ڪامياب نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آذربائيجان سان گڏجي ڪم ڪندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران صدر الهيام عليوف سان پنهنجي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذربائيجا?? جي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيجا?? جي پرڏي??ي وزير مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ۽ پاڪستاني پرڏي??ي وزير جي وچ ?? ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجا?? جي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ کيس آذربائيجا?? جي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏي??ي وزير بيراموف نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.