بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم بئنڪ ??ي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم بئنڪ ??ي چيئرمين ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سي??پڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سي??پڪا??ن جي اعتماد جي تجديد ??ئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايگزم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.