اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معاشي انگ اکر مثبت آه??، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پينشن سڌارن تي تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ميڊيا ۽ ع??ام کي آگاهه ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته ملڪ تاريخ جي ان موڙ تي بيٺل آهي جتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معيشت جي حوالي سان سمورا انگ اکر مثبت آهن، سموريُون عالمي اخبارُون ۽ رسالا پاڪستاني معيشت جي حوالي سان قدمن کي ساراهي رهيا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاشي انگ اکر مثبت هجڻ سان گڏوگڏ سئو سيڪڙو صحيح به آهن. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اقتدار سنڀالڻ کا??پو??ِ سڀ کان پهرين خرچن ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪئي، حڪومت جتي روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، اتي خرچن ۾ گهٽتائي پڻ ڪئي. پينشن سڌارن بابت هن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان ميڊيا تي پينشن سڌارن جي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن هڪ اداري سان ڳنڍي?? پيو وڃي. هن چيو ته پينشن سڌارن جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، انهن تجويزن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته غلط فهمي ۽ قياس آرائين کان بچڻ جي لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به معاملو ڪابينا، حڪومت يا ڪنهن به فورم تي غور هيـٺ اچي، ان کي ميڊيا آڏو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مناسب تجويزون اچي سگهن، اهڙي طرح اسان پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کان پڻ بچي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ملازمن جي سروس جو عرصو وڌائڻ جي حوالي سان تجويز تي غور ڪي?? پيو وڃي، جڏهن اهي تجويزون حتمي شڪل اختيار ڪري وينديون ته ميڊيا ۽ ع??ام کي آگاهه ڪيو ويندو.