اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي تيل تي هلندڙ بجلي جي منصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت ??هي، بجلي جي پهچ جي صلاحيت ۾ اضافو لازمي آهي، هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرند??، حڪومت بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام ۾ پنجاب جي ڪارڪردگي حوصلي جوڳي آهي، ٻيا صوبا به بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کڻن، اين ڊي ايم اي برساتن سان ??يندڙ نقصانن جي ازالي جي لاءِ صوبن سان گڏجي ٺوس حڪمت عملي جوڙين. اهڙن خيال جو اظهار هن بجلي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان ??غاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ا??تص??دي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مختلف وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي. معيشت بابت مختلف اجلاس ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ برساتون ٿي رهيون آهن ان سان ڊيمن ۾ پڻ پاڻي ايندو ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌندي. برساتن سان جاني نقصان به ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي صوبن سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪري ته جيئن جتي جتي به برساتن سان ??قصان ??يو آهي اتي امدادي سامان ??هچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم حوصلي جوڳا آهن. ٻين صوبن کي به ان حوالي سان ??دم کڻڻ گهرجن. اهو هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي پهچ جي نظام جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت ??هي. بجلي جي پهچ جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ گهربل فائدا حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. بجلي جي پهچ جي نظام ۾ خاميون ۽ ڪمزوريون ختم ڪرڻ لازمي آهي. بجلي جي پهچ جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جون خدمتون وٺڻ جي ضرورت ??هي ته جيئن بجلي جي پهچ جي نظام ۾ بهتري آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اضافي بجلي کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پن بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي منصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت ??هي. هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سسٽم ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت ??هي ڇو ته 27 ارب ڊالر جي درآمدات سان اسان ??نهنجي بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جون ضروريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهيون. مافياز ملڪ جي دولت کي نچوڙي رهي آهي. بجلي جي پيداوار جي لاءِ جيڪڏهن اسان ??تبادل ذريعا استعمال ڪريون ته اربين ڊالر جي تيل جو درآمدي بل گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان ??اءِ تفصيلي منصوبابندي جيڪڏهن ڪئي وڃي ته اسان کي مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.