اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي ??اء?? ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اس??ن کي بحيثيت قوم رنڊڪن کي ختم ڪر??، ضرورتمندن جي ??اء?? مدد جو هٿ وڌائڻ ۽ سڀني جي ??اء?? هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي ??اء?? ڪم ڪر?? جو پيغ??م ڏي ٿو، اس??ن سڀني کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخوت، ڀائيچاري، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان سرشار ٿي هڪ متحد ۽ مضبوط بڻجڻ جي ڪوشش ڪر?? گهرجي. عيدالفطر 1445هه جي موقعي تي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جي هن خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو، آئون الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان هي مبارڪ ڏينهن اس??ن جي ??اء?? تمام گهڻيون برڪتون، خوشيون، امن ۽ سلامتي آڻي. هن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ روزا، نماز ۽ صدقن ڏيڻ کانپوءِ هن مهيني جي پڄاڻي تي اس??ن کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪر?? گهرجي ته هن بي شمار نعمتن ۽ توفيق سان اس??ن کي رمضان المبارڪ جون اهي سموريون سعادتون ۽ خوشيون نصيب ٿيون آهن. رمضان دوران اس??ن الله جي اطاعت، تقويٰ، همدرديءَ ۽ سخاوت جي اصولن تي عمل پيرا ٿياسين. هن چيو ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي ??اء?? ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي. هي مبارڪ ڏينهن ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اس??ن ضرورتمندن، لاچارن، غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جي ڀرپور مدد ڪندي انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪريون. صدر چيو ته آئون پاڪستاني قوم پاران غزه ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي ??اء?? اهو پيغ??م ڏيڻ چاهيان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم توهان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. اس??ن عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اس??ائيل جو ظلم، ڏاڍ ۽ نسل ڪشيءَ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته اس??ن کي خوشي جي هن موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پڻ نه وسارڻ گهرجي. آئون انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل تائين انهن جي ??اء?? پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون هن مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي هر پاڪستاني ۽ پوري مسلمان امت جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي ??اء?? دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ اس??ن جي قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي، اس??ن کي نيڪي جي راهه تي گامزن فرمائي ۽ اس??ن کي اتحاد، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.