اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لوچ چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پر??س بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزي?? مورا ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين جي فليگ شپ پر??گرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڌ??ين پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌ??ين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.