اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردا?? جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه آهي. بهبود ??يسوسيئيشن آف پاڪستان پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي چيو ته اها هر هڪ جي ذميواري آهي ته هو ڇوڪرين ۽ عورتن کي مناسب تع??يم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذاري سگهن. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته بهبود ??يسوسيئيشن پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اٽڪل 10 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ هنر ۽ تربيت فراهم ڪري بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پاڪستان کي گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ 147 ملڪن مان 142 جي م??جو??ه درجابندي کي بهتر ڪ??ڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي خواندگي جي شرح پاڻ ئي بهتر ٿي ويندي. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مهم جي حوالي سان ثمينه علوي چيو ته ان بيماريءَ جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو معائنو تمام اهم آهي، ڇاتيءَ جي ڪينس?? جي جلد تشخيص قابل علاج آهي. اهڙي طرح هن ذهني صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو ذهني دٻاءُ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي صحتمند رکڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي معذور ماڻهن جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ايسوسيئيشن جي اسٽاف ۾ شيلڊز ورهايون. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڊاڪٽر نگار جوهر چيو ته بهبود ??يسوسيئيشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بهبود ??يسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ ٻڌايو ته ايسوسيئيشن جي پيلٽ فارم تان 100 بسترن جي اسپتال تع??ير هيٺ آهي ۽ هڪ سال جي اندر مڪمل ٿي ويندي. بهبود ??يسوسيئيشن جي صدر ثمينه علوي کي بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين صحت ۽ سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو.