اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگ??ان وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي ا??در قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگ??ان وفاقي ??زير چيو ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ا?? کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ا?? کي قانوني فورمز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن نگ??ان وفاقي ??زير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مو?? کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگ??ان وفاقي ??زير چيو ته اطلاعات واري وزارت کانسواءِ پارلياماني ??عا??لن واري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگ??ان وفاقي ??زير چيو ته اليڪشن ڪميش?? کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي ا??در حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي ا??در قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين تحت قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.