اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلي??ما??ي معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ??انهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ ن??ام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلي??ما??ي معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ??انهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.