اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن نجي انشورنس ڪ??پن??ن کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن جي خلاف آدم جي لائيف انشورنس ۽ ايف ايف يو لائيف انشورنس ڪ??پن?? جي داخل ڪيل ٻه اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب زاهده نسرين جي فوتي ڀيڻ 2021ع ۾ آدم جي لائيف انشورنس ڪ??پن?? کان 30 لک جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي، 2022ع ۾ ڀيڻ جي لاڏاڻي کانپوءِ عورت ڪ??پن?? کان ڊيٿ انشورنس ڪليم جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڪمپني ب??مه پاليسي حاصل ڪرڻ وقت گردي ۽ جگر جي ب??ماري لڪائڻ جي ب??ياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ميمونه نعيم جي گهرواري اي ايف يو لائيف انشورنس کان 2015ع ۾ 460000 رپين جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي. مڙس جي لاڏاڻي تي عورت انشورنس ڪليم جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن کي ڪ??پن?? رد ڪري ڇڏيو. ڪ??پن?? فوتي پاران پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هائي ب??ڊ پريشر جي ب??ماري لڪائڻ جي ب??ياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪا?? ڪيو. شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي جدا جدا شڪايتون داخل ڪرايون. وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. وفاقي محتسب لاڳاپيل انشورنس ڪ??پن??ن کي لاڳاپيل وارثن کي ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ ڪ??پن??ن محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. صد?? ڪيسز جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪ??پن??ن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٻئي ڪمپنيون انشورنس کان اڳ جي ب??مارين جي حوالي سان ڪو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، انشورنس کان اڳ جي ب??مارين کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل ڪ??پن??ن تي لاڳو ٿئي ٿي. صدر چيو ته انشورنس ڪليمز جي ترديد جي لاءِ بيمارين کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ناقابل ترديد ثبوت جي ضرورت هوندي آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ذيابيطس ۽ هائي ب??ڊ پريشر جهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکندي لاڳاپيل ڪ??پن??ن کي فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.