اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي س??ڌي سان پاڪستان ۾ قطر جي س??ير علي مبارڪ اي اي الخطر ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق مدد علي س??ڌي قطري وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي، لساني ۽ عوام هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. مدد علي س??ڌي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي تعريف ڪئي. مدد علي س??ڌي استادن ۽ شاگردن جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن وزارت جو عهدو سنڀاليو، استادن جي تربيت ۽ تعل??م جي معيار کي اولين ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعل??م جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعل??م جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت ذريعي تيار ڪيل اِي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ جمهوريه قطر جي س??ير چيو ته قطر جو عوام پاڪستان سان گهري وابستگي رکي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. مدد علي س??ڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارتن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.